ميگا مني لانڊرنگ ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ آصف زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي سندس ڌيءُ آصفه ڀٽو زرداري به ساڻس گڏ هئي.

آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيتن سبب پيش نه ٿي سگهيو.

احتساب عدالت آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر تي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪيس جو هڪ ٻيو جوابدار اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ سندس حاضري لڳائي وئي، عدالت انور مجيد تي به ان ئي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته سندس پٽ اي جي مجيد تي عدالتي ڪمري ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو، جنهن تي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو.

عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ گرفتار جوابدارن حسين لوائي ۽ طحه رضا جي وڪيلن کي چارج شيٽ جي ڪاپي ڏني وئي.

احتساب عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته حاضري لاءِ صحيح سان گڏ انهن الزامن جو فرد جرم به ڏئي ڇڏيو ۽ جيڪي جوابدار ٻين 2 ريفرنسز ۾ نامزد ناهن، اهي وڃي سگهن ٿا.

عدالت جي هدايت تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چارج شيٽ پڙهڻ لاءِ ڏني وئي.

عدالت فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ فريال ٽالپر کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.