ڪراچي ۾ پوليس هٿان قتل ٿيل فيصل ابڙي جي خون سان انصاف نه ٿيو، ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) لاڙڪاڻي واسي پورهيت نوجوان فيصل ابڙو 24 ڏينهن اڳ گڏاپ جي نور خان گوٺ واري علائقي ۾ نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس جي وحشييت جو شڪار ٿي ويو.  24 ڏينهن  اڳ گڏاپ جي نور خان ڳوٺ واري علائقي ۾ جامع مسجد حنيفه ۾ جمعي جي نماز واري خطبي جي دوران انڊسٽريل ايريا نئين ڪراچي جي پوليس مسجد ۾ داخل ٿي نوجوان فيصل ابڙو جيڪو چوٿين صف ۾ ويٺو هو ۽ ان کي رومال ڳچي ۾ وجهي گيهلي ٻاهر ڪڍي گهٽي ۾ آڻي  ڇتي فائرنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو،ن نتيجي ۾ نوجوان مرڻينگ ٿي پيو، جنهن جي ڪري نمازين ۽ علائقي رهواسين ۾ خوف ۽ حيراس پيدا ٿي ويو ۽ مسجد ۾ موجود سڀ نمازي مسجد تائين محدود ٿي ويا. پوليس 10 منٽن تائين لڳاتار فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ فيصل ابڙو نالي نوجوان جو پيرن ۾ گوليون لڳيون، جنهن سان هو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس اهلڪار فوري طور تي کيس انڊسٽريل ايريا جي پوليس موبائل ۾ وجهي پاڻ  سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا. واقعي خلاف مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران عرفان ابڙو، آصف ابڙو، اظھر ابڙو، لال محمد، غفار مغيري، دوست علي ساريو، عرفان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاسي ڳوٺ جي ڀٽائي چوڪ کان هٿن ۾ بينرن ۽ پلي ڪارڊ کڻي نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي گڏاپ پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهري ڪندي وزير اعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته مزڪوره پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري فيصل ابڙي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.