لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آڪسيجن اڻلڀ، ٻارن جون حياتيون داءُ تي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ميڊيڪل جون سهولتون ۽ اسٽاف جي کوٽ سبب توڙي يونيسف اداري پاران اسپتال کي مليل بي پيپ نيزل مشين هجڻ جي باوجود ايم ايس  پاران آڪسيجن ڪنيڪشن نه ڏيڻ سبب معصوم ٻارڙن جون زندگيون موت جي ٻه واٽي تي پهچي ويون آهن. جڏهن ته هڪ سال دوران اڍائي لک ٻار اسپتال ۾ داخل ٿين ٿا ۽ نون ڄاول ٻارڙن جي موت جي شرح ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سينيئر پروفيسر سيف الله ڄامڙو چيو آهي ته گذريل 20 ڏينهن کان سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي بائيڪاٽ سبب داخل مريضن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، وارڊن جي صفائي پڻ مريضن سان ايندڙ ماڻهو ڪري رهيا آهن جڏهن ته مقامي سياستدان سڄي صورتحال مان چڱي ريت واقف هئڻ جي باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن چيو ته هڪ سال جي دوران شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ اڍائي لک ٻارڙن کي علاج لاءِ آندو ويو ۽ اهي انگ اکر سنڌ جي ٻين پيڊز اسپتالن مان سڀ کان وڌيڪ آهي ان جي باوجود اسپتال انتظاميه سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري. هن چيو ته يونيسيف طرفان بي پيپ نيزل مشين اسپتال کي ڏني وئي پر آڪسيجن ڪنيڪشن نه هئڻ جي ڪري اها مشين بند پيل آهي.  ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ کان جنهن به باري ۾ ڳالهه ڪيون ته چيو ويندو آهي ته فنڊ نه آهن مريضن جي تعداد ۾ واڌ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب نون ڄاول ٻارڙن جي موت جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سرڪاري وارڊن کي خانگي پيسن تي هلائي رهيا آهيون،. اسپتال جي عمارت ٺهڻ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين مڪمل عملو نه ڏنو ويو آهي پنهنجي کيسي مان پگهارون ڏئي ماڻهن کي ڪم تي رکي رهيا آهيون، وارڊن کي رنگ ۽ بجلي توڙي پکو به پنهنجي خرچ تي لڳائيندا آهيون پوءِ به پروفيسرن کي برو چيو ويندو آهي. سيف الله ڄامڙو چيو ته سنڌ حڪومت گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي تعريف ڪندي آهي پر سنڌ ۾ هڪ به بهتر سرڪاري اسپتال ڳڻائي، سرڪاري اسپتالن جا ايم ايس ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ هڪ ايم بي بي ايس ماڻهو چئن وڏن سرڪاري اسپتالن کي سنڀالي نه ٿو سگهي. حڪومت کي ايم بي بي ايس جي سطح کان وڌيڪ سوچڻ جي ضرورت آهي، دل جي مرض وانگر سنڌ ۾ ٻارڙن، عورتن ۽ سرجري جا انسٽيٽيوشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پروفيسر يونيورسٽين ۾ ٻارڙن کي پڙهائي به رهيا آهن، او پي ڊي به هلائي رهيا آهن ۽ وارڊن کي به ڏسي رهيا آهن ۽ پنهنجي کيسي مان پئسا به خرچ ڪري رهيا آهن سڄو ڏينهن صفائي جهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ گذري ويندو آهي جنهن ڪري ريسرچ جي ڪم کي وقت ڏئي نه ٿا سگهن سنڌ حڪومت انهن مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.