نوابشاهه ۾ فيض گنج واسي عورت جو ڀائرن خلاف

نوابشاهه(ڊ ر ) تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ حاجي تاج محمد جي رھواسڻ عورت مسمات حسينه زال محمد انور راڄپر پنھنجي  سڳن ڀائرن جي ظلمن کان تنگ ٿي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي والد حبيب الله راڄپر جي ديھه امن ۾ 26 ايڪڙ زرعي زمين آھي ۽ اسان پاڻ چار ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آھيون، ھن چيو ته ھڪ ڀاءُ اسان جو فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته مان پنھنجي حصي جي زمين گھران ٿي ته منھنجا ڀائر ھيلٿ آفيسر نوابشاهه الله بخش راڄپر، پڊعيدن ٿاڻي جو وڏو منشي ممتاز راڄپر ۽ رياض راڄپر مو ن کي ۽ منھنجي اولاد ۽ مڙس کي قتل جون ڌمڪيون ڏين ٿا منھنجي مڙس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا، ھن چيو ته منھنجو ڀاءُ ھيلٿ آفيسر الله بخش راڄپر زمين جو کاتو ٺھرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، منھنجو ڀاءُ پوليس اھلڪار ممتاز راڄپر منھنجي گھر تي حملو ڪرائي مونکي حراسان ڪري ٿو، ھن چيو ته منھنجا ڀائر پئسي وارا آھن ۽ مون کي پنھنجو حق نٿا ڏين، ھن چيو ته مونکي ۽ منھنجي گھر وارن کي ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار منھنجا ڀائر ھوندا، ھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ، فريال ٽالپر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مونکي پنهنجي حصي جي زمين ڏياري ان جو کاتو ٺھرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.