خيرپور ۾ بااثر جو سرڪاري زمين تي قبضو، ٽيوب ويل ڊاهي پٽ

خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي خاڪي شاهه پل ڀرسان سرڪاري  زمين تي بااثرن قبضو ڪري  خيرپور جي شهرين کي واٽر سپلاءِ جو مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ ٻه ٽيوب ويل ڊاهي  پٽ ڪري ڇڏيا آهن ان زمين تي غير قانوني طريقي  سان هيوي مشين گهمائي ٽيوب ويلن جو نالو نشان ختم ڪري زمين تي پلاٽنگ ڪري زمين وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پبلڪ هيلٿ ميونسپل ڪيمٽي جا عملدار ضلعي انتظاميا اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي جڏهن ته خيرپور جي سماجي اڳواڻن شاهنواز عباسي. علي گل . محمد علي . ۽ ٻين چيو آهي ته خيرپور جي شهرين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ ٽيوب ويل ڊاهي بااثرن وڏو ظلم ڪيو آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي جو پبلڪ هيلٿ ميونسپل ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميا اکين تي پٽيون ٻڌي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته انتظاميا قبضا خورن سان مليل آهي هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري ٽيوب ويل جي زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين کي واٽرسپلاءِ جو مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي هنن چيو ته اسان کي اهو به ڍپ آهي ته باقي لڳل ٻه ٽيوب ويل به انهن کي هو ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.