حيدرآباد ۾ ٽنڊي آدم واسين جون زمين تي قبضي خلاف دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊو آدم جي رهواسين علائقي جي بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد ياسين، يامين ڀٽي، محمد رمضان ڀٽي ۽ ٻين الزام هنيو ته ٽنڊو آدم شهر ۾ سندن زمين 34 ايڪڙ زرعي زمين آهي، ان تي علائقي جي بااثر ماڻهو گهڻي وقت کان قبضو ڪري ويٺا آهن، زمين جو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلي رهيو آهي. ، جڏهن ته بااثر ماڻهن جا هٿياربند ماڻهو سندن گهرن ۾ تي حملا ڪري سندن جي مردن، عورتن توڙي ٻارڙن تي تشدد جو نشانو بڻائي ۽ گهر ۾ پيل لکين روپين جو سامان پڻ کڻي ويا آهن. هنن چيو ته 22 آگسٽ جي ڏينهن بااثر جوابدار هٿياربند ۽ پوليس ساڻ ڪري سندن زمين تي آيا ۽ مردن تي تشدد ڪري، زمين تي قبضو ڪري ورتو، سندن 15 گهر به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي سندن 17 ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.