فريد آباد کي لائبريري ڏيو، شاگردن جو احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ  ) فريدآباد ۾ لائبريري کولي ڏيو،  شاگرد اتحاد جي اڳواڻن عبدالنبي چانڊيو، زاھد حسين جتوئي، وحيد چانڊيو ، سجاد  ڏيرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري سٽي گيٽ وٽ پھتو، ھنن چيو ته فريدآباد شھر شاگردن  اديبن جو شھر آهي جديد دور ۾ به لائبريري جو قيام ضروري  آهي،  شاگرد ڪتاب ۽ قلم ھٿن ۾ ڏسڻ چاھن ٿا، ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ ،تعليم جي وزير ، تڪ جي چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي ته فريدآباد ۾ لائبريري کولي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.