راڌڻ ۾خانگي اسڪولن خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جو مظاهرو

راڌڻ ( ن ع آ ) راڌڻ ۾ لاڪ ڊاڪ ڊائون  سبب گذريل 6 مھينن کان بند پيل نجي اسڪولن جي مالڪن پاران اسڪولن جي  ٽيوشن فيس جي اوڳاڙي ۽ سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ من پسندن کي ڏيڻ ۽ وڪرو ڪرڻ خلاف  غازي خان سولنگي، سماجي اڳواڻ حاجي حسين بخش بروھي، هيومن رائٽس جي صدر نذر علي سولنگي، راجا سولنگي راشد سولنگي ۽ محبتي منظور زرداري  جي اڳواڻي ۾  ناڪو چونڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي راڌڻ ميھڙ ڳوٺ روڊ تي ٽريفڪ جام ڪري ڇڏي.  ان موقعي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 6 مھينن جي لاڪ ڊائون سبب اسان جا روزگار بند ھيا ان وقت اسان قرض کڻي پيٽ پاليندا ھياسين اسان اھو قرض  ناھي لاٿو،  اسان ڪتان پيسو آڻيون جو پر پرائيويٽ اسڪول وارن جون ھزارين رپيا فيون ادا ڪيون، جڏهن ته  عدالتن پڻ انھن فين وٺڻ کان  پرائيويٽ اسڪول وارن کي روڪيو آھي پر ھو ڪجهه به  ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، سرڪاري دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري رھيا آهن، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.