وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي جو استحصال ڪيو: سراج الحق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق 14 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪراچي سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي حقن لاءِ مارچ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته شهر ۾ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، پ پ جي صوبائي ۽ تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت ميگا سٽي جو استحصال ڪيو.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو پر ان ماڻهن کي بيروزگاري ڏني، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سهولت کسي ڇڏي.

سندس چوڻ هو ته وفاقي وزير به حڪومتي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، شيخ رشيد چئي ٿو ته اسان جي حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، شيرين مزاري ۽ اسد عمر چئي چڪو آهي ته ڪشمير جو مسئلو اسان خراب ڪيو.

سراج الحق چيو ته شهري حڪومت کي بحال ۽ اختيار ڏنا وڃن، عدل ۽ انصاف جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.