پي ٽي آءِ هڪ عزتدار عورت جو تماشو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: عظميٰ بخاري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي آهي ته تحريڪ انصاف طلال چوڌري ۽ هڪ عزتدار عورت جو تماشو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته چوهاڻ صاحب جي زمان مان عورتن جي عزت ۽ احترام جي ڳالهيون عجيب لڳن ٿيون، مائرن ۽ ڀينرن جي عزت جو درس ڏيندڙ انهن جي عزت جو خيال رکندا آهن.

هن چيو ته هر معاملي تي سياست ڪرڻ انهن جي عادت بڻجي وئي آهي، تحريڪ انصاف طلال چوڌري ۽ هڪ عزتدار عورت جو تماشو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ جيئن عورتن سان بدسلوڪي جا واقعا پيش آيا، اها سڄي قوم کي خبر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.