حڪومتي شرپسندن طرفان واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ مذمت جوڳو آهي: طلال چوڌري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته مون تي تشدد جي واقعي جو ڪنهن عورت سان واسطو ناهي.

طلال چوڌري پاڻ تي حملي جي حوالي سان ڪجهه خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مون بابت ذريعن کان هلندڙ خبرون حقيقتن تي ٻڌل ناهن ۽ واقعي جي حوالي سان تفصيلي موقف جاري ڪندس.

سندس چوڻ هو ته واقعي جو ڪنهن عورت اسيمبلي ميمبر سان واسطو ناهي، تنهن ڪري سڀني مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزت جو خيال رکيو وڃي.

هن واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو ته ڪجهه حڪومتي شرپسندن طرفان واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ مذمت جوڳو آهي.

واضح رهي ته سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري تي پنهنجي ئي پارٽي جي عورت ايم اين اي کي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

شهباز گل چيو آهي ته طلال چوڌري طرفان قومي اسيمبلي ميمبر کي هراسان ڪرڻ جو واقعو افسوسناڪ آهي، حڪومت ايڪشن وٺندي ۽ عورت ايم اين اي جي هر صورت ۾ حفاظت ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.