حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان بيوس، عوام کان رليف کَسڻ جون تياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض جي ٽين قسط جاري ڪرڻ  عيوض بجلي، گيس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ جو شرط لڳائي ڇڏيو.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معطل ٿيل پروگرام جي بحالي لاءِ وڊيو لنڪ ذريعي اقتصادي جائزي جي حوالي سان جاري ڳالهائين جو پهريون دور بي نتيجو رهيو جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران پروگرام جاري رکڻ ۽ ٽِين قسط جاري ڪرڻ لاءِ بجلي ۽ گيس سوڌو يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي ڏني ويندڙ غير ضروري سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون اڃا جاري آهن ۽ ڌريون ورچوئل ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيون آهن ۽ ڳالهين جي ٻين مرحلي کي نتيجي جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان قرض جو پروگرام به بحال ٿي ويندو ۽ رڪليل قسط به جاري ٿي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سبسڊي جو خاتمو وارو آءِ ايم ايف جو ڪو نئون شرط نه آهي، حڪومت اڳ به غير ضروري سبسڊي جي خاتمي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ رڳو مستحقن کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي يقين رکي ٿي جنهن لاءِ گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته بجلي ۽ گيس سوڌو يوٽيلٽي اسٽورن سوڌو ٻي مد ۾ ڏنل ڏني ويندڙ غير ضروري سبسڊي ختم ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف جي مطالبن جي غور ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب اها سيل اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي ۽ اها خصوصي سيل غير ضروري سبسڊي جي خاتمي لاءِ پنهنجو سفارشون تيار ڪندي ۽ معاشي سڌارن تي عمل درآمد لاءِ به تجويزون ڏيندو جنهن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا ويندا.

واضح رهي ته هلندڙ مختلف شعبن لاءِ 209 ارب رپين جي سبسڊي مختص ڪئي وئي آهي. توانائي جي شعبي لاءِ 150 ارب رپيا، يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ 3 ارب، سستي ڪڻڪ لاءِ 13 ارب رپيا جڏهن ته ميٽرو سروس لاءِ ٻن ارب رپين جي سبسڊي رکي وئي آهي. نيا پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ به 30 ارب رپيا سبسڊي جي مد ۾ مختص ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.