ڪراچي سپر هاءِ وي تي مسافر وين سان خوفناڪ حادثو، 13 ڄڻا فوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سپر هاءِ وي تي مسافر وين ۾ حادثي کانپوءِ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ هائيس وين ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ پوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي.

ڊي سي ڄامشوري واقعي ۾ 13 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته 5 ڄڻن کي ريسڪيو ويو آهي.

موٽر وي پوليس ترجمان موجب حادثو نوري آباد ڀرسان پيش آيو، زخمين کي نوري آبادي اسپتال روانو ڪيو ويو آهي، جن ۾ هڪ ٻار پڻ شامل آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ جا سبب في الحال سامهون ناهن اچي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.