ٽي وي پروگرام ۾ ڀارت مرده باد چوندڙ ڪشميري وڪيل گولي جو کاڄ بڻجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي پروگرام ۾ ”ڀارت مرده باد“ جو نعرو هڻندڙ ڪشميري وڪيل بابر قادري کي گولي هنئي وئي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير جي علائقي سري نگر ۾ سماجي ڪارڪن ۽ ناليواري وڪيل بابر قادري کي اڻڄاتل ماڻهن گهرن ۾ داخل ٿي گوليون هنيون جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو جڏهن ته حملي آور واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا.

طبي امداد لاءِ بابر قادري کي اسپتال آندو ويو پر هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.