ڪراچي: ٻارن ۽ عورتن سان ڏاڍائي، ان جا سبب ۽ حل” جي موضوع تي سيمينار

پاڪستان ۾ ٻارن ۽ عورتن سان ڏاڍائي، ان جا سبب ۽ حل جي موضوع  تي پي ايم اي هائوس  ڪراچي ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ملڪ جي ناليواري سياستدانن، دانشورن ، اديبن ، ڊاڪٽرن ۽ سڄاڻ شخصيتن خطاب ڪيو ، سيمينار کي خطاب ڪندي خاص مهمان سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا جو چوڻ هو ته معاشري ۾ ٻارن ۽عورتن سان ٿيندڙ زيادتي جي واقعن خلاف سڀني طبقن کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو

سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي ۽ ناليواري اديبا مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اسان جنهن پاڪيزه معاشري جو خواب ڏسون ٿا اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجي دماغ کي به پاڪيزه رکون

زيبسٽ  جي ڊين سوشل سائنسز  ڊاڪٽر رياض شيخ خطاب ڪندي چيو ته هن جو واسطو سنڌ جي پوئتي پيل علائقي جيڪب آباد سان آهي جتي اڄ کان پنجاهه سال اڳ هو ڪو ايجوڪيشن ۾ پڙهيو ، پنهنجي ڀينرن ۽ امڙ سان ٿيٽر ويو اڄ اهو ئي شهر انهن نياڻين لاءِ اوپرو بڻيل آهي

پي ايم اي جي هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ٽيپو سلطان جو چوڻ هو ته اسان جي سول سوسائٽي ڪمزور آهي ان ڪري اسان ڪمزور آهيون، اسان عورتن جي معاملي ۾ پوئتي هٽي ويندا آهيون ته ڪٿي اهو اسان جي ڳچي ۾ نه پئجي وڃي .

ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر ايڊوڪيٽ محمد سليم مڱرئي ، ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙئي ، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.