نواز شريف حڪومت ۽ فوج وچ ۾ هم آهنگي کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم  عمران خان چيو آهي ته نواز شريف مايوس ٿي چڪو آهي، هو حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ تاريخي هم آهنگي کي ٽوڙن چاهي ٿو، مخالف ڌر جي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ آهي، مخالف ڌر اڄ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته مان اڄ ئي اليڪشن ڪرائي ڇڏيندس.

وزير اعظم عمران خان مختلف ٽي وي چينلز جي ڊائريڪٽرز نيوز سان ملاقات ۾ چيو آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر کان ڪو به خطرو ناهي، نواز شريف هاڻ چاهي ٿو ته نه پاڻ کيڏنس نه ٻين کي کيڏڻ ڏيندس، پر نواز شريف راند کان ٻاهر نڪري چڪو آهي.

نواز شريف جي تقرير ڀارت جو عڪس آهي:

عمران خان چيو ته نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ جي اجازر ڏيڻ درست فيصلو هو ڇو ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي اظهار جي آزادي جو اندازو ناهي پر نواز شريف جي تقرير ڀارت جي بيان جو عڪس آهي، نواز شريف پنهنجي وطن واپسي لاءِ ڪجهه به ڪندو.

يوٽرن مقصد لاءِ هوندو:

وزير اعظم جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين ۾ نظم ضبط بنائڻ ممڪن ناهي، هر پارٽي ۾ اختلاف راءِ ٿيندي رهندي آهي، منهنجو ويزن پاڪستان آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪِستو نه هجي، ڪرپشن تي ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس، يوٽرن هميشه هڪ مقصد جي لاءِ هوندو آهي، مون پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽريٽ پاور استعمال ڪئي.

ن ليگ وٽ ماڻهو ناهن:

عمران خان چيو ته ن ليگ هجي يا ش ليگ هي رڳو خانداني سياست ڪندا آهن، مولانا فضل الرحمان کي ان ڪري ساڻ ٿا رکن ڇو ته هنن وٽ ماڻهو ناهن.

مخالف ڌر حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ ٿي چاهي:

هن چيو ته نواز شريف مايوس ٿي چڪو آهي، هو حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ تاريخي هم آهنگي کي ٽوڙڻ ٿو چاهي، مخالف ڌر جي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ ويڙهه ڪرائڻ آهي، مون کي مخالف ڌر جي پاڪ فوج سان ملاقاتن جو علم هوندو آهي.

دوائن جا اگهه ان ڪري وڌيا جيئن مارڪيٽ ۾ موجود رهن:

وزير اعظم ٻڌايو ته هو شگر مافيا کي منهن ڏئي رهيو آهي، دوائن جا اگهه ان ڪري وڌايا دوائون مارڪيٽ ۾ موجود رهن، 18هين ترميم ۾ زرعي شعبو صوبن کي ڏنو ويو جيڪو نه ڏيڻ گهرجي ها، 18هين ترميم نظام کي فريڪچر ڪري ڇڏيو.

پاڪستان خوش قسمت ملڪ آهي:

عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان خوش قسمت ملڪ آهي چين اسان جو دوست ملڪ آهي، سٺي ڳالهه اِها آهي ته چين کي پاڪستان جي ايتري ضرورت آهي جيتري پاڪستان کي چين جي آهي.

 مخالف ڌر اڄ استعيفيٰ ڏئي سڀاڻي چونڊون ڪرائيندس:

پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪڏهن اڄ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته سڀاڻي ئي چونڊون ڪرائيندس، آئون ڪنهن به معاملي تي سمجهوتو ڪري سگهان ٿو پر اين آر او تي ڪڏهن به نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.