ريئل مي سي 17 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

ريئل مي پنهنجو نئون سمارٽ فون سي 17 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

ان فون ۾ وڌيڪ وڏي ڊسپلي، طاقتور بيٽري، فاسٽ چارجنگ سپورٽ ۽ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي.

اها  فون سب کان اڳ بنگلاديش ۾ متعارف وئي ۽ 23 سيپٽمبر تي پاڪستان ۾ آن لائين ايوينٽ دوران ان کي پيش ڪئي وئي هئي.

ريئل مي سي 17 ۾ 11 اين ايم سنيپ ڊراگون 460 پراسيسر 1.8 گيگا هرٽز اوڪٽا ڪور سي پي يو ڏنو ويو آهي.

اها فون 6.5 انچ ڊسپلي سان ليس آهي جنهن ۾ ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 90 هرٽز رفريش ريٽ موجود آهي جڏهن اينٽري ليول فون هجڻ باوجود ان ۾ اسڪرين ٽو باڊي ريشو متاثر  ڪندڙ آهي.

5000 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

مٿي بيان ڪيل 4 بيڪ ڪيمرائن جي سيٽ اپ ۾ پرائمري ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ڪيمرا موجود آهي.

ان کان سواءِ 2 ميگا پڪسل ميڪرو شوٽس ۽ 2 ميگا پڪسل بليڪ اينڊ وائيٽ ڪيمرا به ڊوائيس جو حصو آهن جڏهن ته 8 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين سان گڏ ڏني وئي آهي.

پاڪستان ۾ اها فون 26 سيپٽمبر کان 31 هزار رپين ۾ دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.