مون کي آرمي چيف جي پارلياماني اڳواڻن سان هڪ ئي ملاقات جي خبر آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي عسڪري قيادت سان ون آن ون ملاقات جي دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي.

ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته هو ان ملاقات ۾ شريڪ هو جنهن ۾ سمورا پارلياماني اڳواڻ شريڪ هئا.

هن چيو ته مون کي آرمي چيف کي پارلياماني اڳواڻن سان هڪ ئي ملاقات جو علم آهي جيڪا هڪ هال ۾ ٿي ۽ ان ۾ سمورا پارلياماني نمائندا به موجود هئا جنهن جو موضوع گلگت بلتستان هو.

خيال رهي ته ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته مسلم ليگ ن جي عسڪري قيادت سان ٻن مهينن ۾ ملاقاتون ٿيون آهن، احسن اقبال عسڪري قيادت سان ٻنهي ملاقات ۾ موجود هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.