آرمي چيف سان ملاقاتن جو اعتراف، رليف گهرڻ نه ويس: محمد زبير

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ محمد زبير اعتراف ڪيو آهي ته آرمي چيف سان منهنجون آگسٽ جي آخر ۽ سيپٽمبر ۾ ملاقاتون ٿيون.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز مون کي ملاقاتن جو نه چيو هو، پارٽي جي حوالي سان منهنجي هڪ پوزيشن آهي.

سندس موجب مان چيو ته نواز شريف يا پارٽي لاءِ ڪجهه گهرڻ ناهيان آيو، هتي ڪنهن لاءِ ناهيان آيو، منهنجو پهريون جملو هو نه پنهنجي لاءِ، نه پارٽي لاءِ، نه مريم ۽ نه نواز شريف لاءِ رليف گهرڻ آيو آهيان، مان هڪ ڀيرو به نه چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز تي هلڪو رٿ رکو.

هن چيو ته الله جو شڪر آ مون تي ڪو ڪيس نه پيو هلي، اهڙي قسم جون ملاقاتون سيڪريٽ هونديون آهن، جنرل قمر جاويد باجوا سان منهنجا وڏي عرصي کان لاڳاپا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر نه چيو ته مان رليف گهرڻ ويو هيس.

محمد زبير وڌيڪ چيو ته مون کي معيشت تي خدشا هئا، ڳالهه اتان ئي شروع ٿي، معاملا طئي ڪرڻا هجن ها ته 2018 ۾ ئي ڪري ڇڏيان ها، پاناما ليڪس ۽ ٻيا ڪيس ٺهيا، مان هڪ ڀيرو به ملاقات جي درخواست نه ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.