آرمي چيف سان ن ليگ اڳواڻ محمد زبير ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي: پاڪ فوج جو ترجمان

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته آرمي چيف سان ن ليگ اڳواڻ محمد زبير ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف سان محمد زبير جي ٻه ڀيرا ملاقات ٿي، پاڪ فوج جي سربراهه سان ن ليگ اڳواڻ آگسٽ جي آخر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ به موجود هو.

ميجر جنرل بابر افتخار موجب آرمي چيف سان محمد زبير 7 سيپٽمبر تي به ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ملاقاتون محمد زبير جي درخواست تي ٿيون، جن ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز بابت ڳالهيون ٿيون.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ملاقات ۾ آرمي چيف واضح ڪيو ته قانوني مسئلا عدالتن ۾ حل ٿيندا، جڏهن ته سياسي مسئلا عدالتن ۾ حل ٿيڻ گهرجن، انهن ڳالهين کان فوج کي پري رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.