ڇا هاڻ واٽس ايپ تي موڪليل تصويرون ۽ ويڊيوز پاڻ ئي ڊيليٽ ٿي وينديون؟

مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ ”Self Destructive Massage“ سان گڏ هاڻ ”Self Destructive Photro And Videos“ جو فيچر متعارف ڪرائڻ واري آهي.

واٽس ايپ ۾ ٿيل تبديلين تي نظر رکندڙ هڪ ويب سائيٽ موجب هي فيچر ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان اعلان ڪندڙ ”Expiring Message“ فيچر ۾ واڌ آهي جنهن کي ”Expiting Media“ چيو ويندو.

صارفن وٽ اِهو آپشن موجود هوندو ته هو ”Self Destructive Massage“ ڪي ان فيچر کي اِن ايبل ڪري ڪنهن کي به تصويرون، ويڊيو يا جي آءِ ايف موڪليندو ته هو موڪليندڙ شخص جي ڏسڻ کان پوءِ ”چيٽ ونڊو“ مان فوري طور غائيب ٿي ويندو.

واٽس ايپ جو اِهو فيچر في الحال آزمائشي مرحلن ۾ آهي جڏهن ته ان فيچر کي ايپ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.