بلديا فيڪٽري ڪيس جو واحد اکين ڏٺو شاهد هڪ چرسي آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي (پي ايس پي) جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بلديا فيڪٽري ۾معصوم ماڻهن جون حياتيون کسيندڙ قاتل اڄ به آزاد پيا گهمن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته شهر ڪراچي سڄي ملڪ جي لاءِ ڪمائيندو آهي پر هتي جا مسئلا ڪير به حل نٿو ڪري.

هن چيو ته آرمي چيف کان درخواست ڪيان ٿو ته ڪراچي کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏي، ڪراچي کي پيپلز پارٽي تباهه ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم نئين صوبي جي نعرا پٺيان پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ چاهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ جنهن کي قاتل قرار ڏنو ويو آهي اُهو قاتل ناهي، هن سان گڏ جيڪي ٻيا هئا اُهي ڪٿي آهن؟ بلديا فيڪٽري ۾ معصوم ماڻهن کان حياتيون کسيندڙ قاتل اڄ به آزاد پيا گهمن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.