ڀان سيدآباد :سينئر قومپرست اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي جنازي نماز ادا

ڀان سيدآباد ۾ سينئر قومپرست اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز سخي سيد سليمان شاه عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن  ۾ پ پ ايم اين اي گل محمد جکراڻي، ايس يوپي اڳواڻ سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، پ پ اڳواڻ شمن راهيپوٽو،شهيد ڀٽو اڳواڻ نثار لنڊ، بخشل سيهڙو، صفر ڀنڊ، سينيئر صحافي مظفر کوکر ۽ ٻين ڪارڪنن ، شهرين ۽ مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

ميرمولابخش جي مڙهه کي جنازي نماز کانپوءِ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.