ڪراچي:3 مهينا اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان 3 مهينا اڳ مبينا گم ٿيل نوجوان شهزاد منگلو جي آزادي لاءِ وارثن پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ شير محمد، امڙ ممتاز، گهر واي مهوش جو چوڻ هو ته  انهن جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، شهزاد کي  بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، شهزاد جي امڙ ممتاز چيو ته سندس پٽ کي گهر جي ٻاهران اڻڄاتل ماڻهو کڻي ويا آهن

نوجوان شهزاد جي گهرواري مهوش چيو ته شهزاد کي ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان واٽس اپ تي ڪال آئي هئي جيڪا اٽينڊ ڪري هو ٻاهر نڪتو ته وري موٽي نه آيو آهي

شهزاد جي وارثن اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو کيس فوري بازياب ڪرائي انهن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.