ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا ٻه سپاهي شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي ديوا سيڪٽر تي بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا سپاهي نور حسن ۽ وسيم علي شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڀارتي شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏيندي دشمن جي پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سان ڀارتي پوسٽن تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج 2020 ۾ 2333 ڀيرا ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.