عدالت ۾ پيشي دوران ڌِڪ ڌِڪان، مريم نواز کي گارڊ کي زوردار ٺُوٺ لڳي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ن ليگ نائب صدر مريم نواز کي پنهنجي ئي گارڊ جي زوردار ٺوٺ لڳي وئي.

مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.

ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ اتي موجود هو ۽ پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي هئي، جنهن سبب ڌِڪ ڌِڪان ٿي وئي.

ان موقعي تي گارڊ ماڻهن کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته رش سبب ان جي زوردار ٺوٺ مريم نواز کي لڳي وئي، هوءَ ڪلهي تي هٿ ڏئي بيهي رهي ۽ پنهنجي مڙس ڪيپٽن صفدر کي واقعي بابت ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.