سکر: نوجوان جو فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

سکر ۾ نوجوان پاران فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

نئون پنڊ جي علائقي آغا بدر الدين ڪالوني جي رھواسي حمر علي سهتو پنهنجي امڙ سان گڏجي پوليس کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

ان موقعي تي نوجوان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو والد علي ڏنو پوليس ۾ ھيڊ ڪانسٽيبل ھو جيڪو سروس دوران بيماري سبب وفات ڪري ويو ھو ، هن چيو ته فوتي ڪوٽا تحت نوڪري جي حاصلات لاءِ چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان پر ھن وقت تائين حق ناھي مليو

نوجوان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي کيس حق ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.