ڪنڌڪوٽ ۾ ميونسپل جي رٽائرڊ ملازمن کي رهتون نه مليون، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي رٽائرڊ  ٿيل ملازمن کي ٻن مھينن کان پينشن ۽ ڪيترن ئي مھينن کان رھتون نه مليون،  ان حوالي سان   ميونسپل ڪميٽي جي ڪيترن  ئي  رٽائرڊ  ٿيل ملازمن ٻن مھينن کان پينشن ۽ رھيل بقايائون ڏيارڻ لاءِ  رياض حسين شيخ ـ محمد اسماعيل ـ بادل چاچڙ ـ نبي بخش شيخ ـ  کنڊو شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ  بئي ڏينهن به  ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان   مظاهرو ڪيو ويو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن دانيهندي چيو ته  ٻن مھينن کان پينشن ۽ ڪيترن ئي  مھينن کان گريجوئيٽ  ـ ڊفرنس الائونس  ۽ رھيل پگھارون ناهن ملي سگهيون جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي رهيل بقايا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.