لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ويهڙ جي رهواسين بااثرن ۽ ويهڙ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت امداد علي جوڻيجو پنهنجي گهرواري مائي حاجاڻي، پٽن دلدار علي، جنسار علي جوڻيجو ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون، هارپو ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا آهيون، اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته سڱ نه ڏيڻ جي ڳالھ تان بااثر مائٽن محمد يعقوب جوڻيجو سندس پٽ ضمير علي جوڻيجو، ظهير علي، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين گذريل 21 سيپٽمبر تي رات جي وقت هٿيار کڻي منهنجي گهر اندر زبردستي داخل ٿي منهنجي 15 ورهين جي نياڻي رقيه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهن تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا، جنهن کان پوءِ بااثر هٿياربند هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي بابت اسان حد جي ويهڙ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پر ويهڙ ٿاڻي جي پوليس بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ اسان کان 5 هزار روپيا وٺڻ باوجود کين گرفتار نه پئي ڪري، جڏهن ته بااثر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ويهڙ پوليس ساڻ ٻٽ بڻيل آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪرڻ سميت تحفظ پڻ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.