سئي گئس جي لوڊشيڊنگ عوام سان دشمني آهي: ن ليگ سکر اڳواڻ

سکر (رپور ٽر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي سوئي گيس  انتظاميا طرفان  گيس جي لوڊشيڊنگ تي  ڳڻتي جو اظهار ڪندي  ان کي عوام دشمني قرار ڏنو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته سوئي گيس انتظاميا  جي آفيسرن جي لاپرواهيءَ سبب  شهر جي مختلف  رهائشي علائقن خاص طور نئين پنڊ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،جنهن سبب گهريلو ۽ ڪاروباري زندگي متاثر  ٿي رهي آهي،  عوامي شڪايتن باوجود سوئي گيس انتظاميا طرفان مسئلو حل نه  پيو ڪيو وڃي، گرمين ۾ به  لوڊشيڊنگ  سمجهه کان ٻاهر آهي،  سوئي گيس انتظاميا ڄاڻي واڻي لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي پريشان ڪري رهي آهي،هن  چيو ته  جيڪڏهن  گيس لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي  ته احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو، جنهن جي ذميواري سوئي گيس انتظاميا تي هوندي.

ڏهرڪي ۾ پي ٽي آءِ سينٽرل منارٽي ونگ جي چونڊ، راجيش ڪمار صدر مقرر

ڏهرڪي )ت ر ( پي ٽي آءِ سينٽرل انصاف مينارٽي ونگ ريجن سکر جي چونڊ راجيش ڪمار جڳواڻي صدر ۽ داڪٽر پرڪاش جنرل سيڪٽري چونڊي ويا پ پ حڪومت جي ڪرپشن سبب سنڌ جا شهر کنڊارت بڻجي چڪا آهن (اڳواڻ) خبر موجب  پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽرل انصاف مينارٽي ونگ سکر ريجن جي چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ اتفاق راءِ سان راجيش ڪمار جڳواڻي کي صدر ڊاڪٽر،نائب صدر لاءِ جئي نند ڪمار، جنرل سيڪٽري ڊاڪٽر پرڪاش ، انفارميشن سيڪٽري سنجي  شيراڪا ۽ ٻين عهديدارن کي چونڊو ويو. ان موقعي تي ڇونڊيل صدر راجيش جڳواڻي ۽ ٻين چيو ته  پ پ حڪومت جي ڪرپشن سبب سنڌ جا شهر کنڊارت بڻجي چڪا آهن جنهن لاءِ جلد پي ٽي آءِ حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري آهي ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ سنڌ مان پڻ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

عوام کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا: ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ (ڊ ر) ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي چيو آهي ته   ضلعي جي عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ  ڏينهن رات ڪوششون ڪري رھيا آھيون ته جيئن عوام کي تڪليف نه پھچي، شھدادڪوٽ جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن تي مشتمل وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ڳالھائيندي ھن چيو ته  ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪري رھيا آھيون جلد   شھدادڪوٽ سميت ٻين تعلقن جي مک روڊن جو ڪم شروع ڪيو ويندو جنهن جون اسڪيمون منظور ٿي ويون آهن, شھدادڪوٽ جي شاگردن کي معياري تعليم ڏيارڻ لاء  ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل پبلڪ اسڪول  ۾ هلندڙ سال ئي سال داخلا شروع ڪري کين علم جي زيور سان نوازيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.