لکي لڳ پيرسن ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

لکي غلام شاھ (ت ر) لکي غلام شاھ  ۾ ڳوٺ لونگ لٻاڻو واسي پيرسن احمد لٻاڻو لکي پهچي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته منهنجا ڀائر منهنجي 2 جريب زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن،جن کي ڳوٺ جي بااثر   جي پٺ ڀرائي حاصل آهي،بااثر کي وچ ۾ نه اچڻ جو چيو ته بااثر  مون مٿان ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي پٽن زاهد ۽ محمد علي کي زخمي ڪيو آهي، هن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ تان بااثر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.