ڀريا جي اسڪول جو سيف جي ڊائريڪٽر جو دورو

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياروڊ ڪا به قوم تعليم کان سواء ترقي نه ٿيون ڪري سگهن ٻارڙا گلشن جا گل ھوندا آهن اھا ڳالهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شھيد بينظير آباد جي ريجنل اسسٽنٽ ڊائيريڪٽر امام بخش آريسر ڀرياروڊ ۾ سيف جي انتظام ھيٺ ھلندڙ آزاد پبلڪ اسڪول ۾ اوچتي دوري دوران چيو ته ٻارڙن جي اخلاقي ۽ مذهبي نشونما ڪرڻ سان سماج ملڪ ۽ قومون ترقي ڪري سگهنديون ان لاء ضروري آهي ته استاد پنهنجون زميواريون ايمانداري ۽ سچائي سان پوريون ڪن ان موقعي تي سيف آفيسر امام بخش آريسر چيو ته ڪرونا وائرس جي ڦھلاء سبب حڪومت پاران تعليمي ادارا 6مھينن تائين بند ھيا ۽ ھاڻي پندرهن سيپٽمبر تي پھرين مرحلي ۾ اسڪول کولڻ واري اعلان کان پوء نائين ۽ ڏھين درجي جا ڪلاس باقائدگي سان شروع ٿي ويا.  آهن ھن چيو ته اسڪول انتظاميا کي گهرجي ته واسطيدار ڪلاسن جي شاگردن کي والدين جي تعاون سان اسڪول اچڻ جون ھدايتون ڏين ان موقعي تي ھن ميڊيا کي ٻڌايو ته دوري دوران اسڪول ۾ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد نظر آيو. جڏهن ته ڪلاسن ۾ موجود شاگردن کان نصاب متعلق پڻ آگاھي ورتي ھن موقعي تي اسڪول انتظاميا جي سٺي ڪارڪردگي کي پڻ ساراھيو ويو ان سان گڏ ٽيم ۾ شامل سينئير آفيسر شجاع لغاري تنوير شاهه پڻ گڏ ھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.