لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي جي هدايت تي 50 نيون پوليس چوڪيون قائم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جي هدايتن تي ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم طرفان شهر جي مختلف چوڪن توڙي اهم هنڌن تي 50 نيون پوليس پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ سبزي منڊي، لاهوري محلا، درگاهه ميهر شاهه بخاري، نيو بس ٽرمينل، سامٽيه روڊ، شيوا منڊلي، ڪرمان باغ، خدا آباد، قمبر چوڪ، رائيس ڪئنال، ميونسپل اسڪول چوڪ سميت ٻيا هنڌ شامل آهن. ان حوالي سان ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ انهن خلاف بروقت ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ پوري شهر ۾ 50 اضافي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن. جنهن کان سڄِ شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته ڏوهارين توڙي انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ عناصرن خلاف بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو وڃي جيئن اهڙن عناصرن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي قانون موجب سزائون ڏياري سگهجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.