سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، شهري اڃارا، احتجاج

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ انتظاميه جي م لاپرواهي سبب شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند، خبرموجب سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ ۽ سکر بئراج جي مٿاھين وھڪري تي اڏيل سنڌ جي تاريخي شھر سکر ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ انتظاميا جي لاپرواهي سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪئي وئي آھي. جڏھن ته پراڻو سکر، بکر چوڪ، وسپور محلہ، رائل روڊ، پيرزاده روڊ، قريشي روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، اسلام ڪالوني، تير چوڪ، ڀٽا روڊ، شمس آباد ، سوسائٽي، شاهه خالد ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آھي. ان ڏس ۾ شھرين احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته سکر شھر ۾ انتظاميا جي لاپرواھي سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وڃڻ سبب سخت پريشاني مان گذري رھيا آھيون. سخت گرمي ۾ پاڻي جي فراهمي بند ھجڻ سبب پري پري کان پيئڻ لاء پاڻي ڀري رھيا آھيون ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي فراهمي بند ھجڻ جون شڪايتون ڪرڻ باوجود شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني ناھي بڻايو ويو. هن مطالبو ڪيو ته سکر شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.