ڌاٻيجي : غريب آباد جي علائقي بلال نگر ۾ هينڊ پمپ ورهائڻ جي تقريب

ڌاٻيجي  جي غريب آباد مارڪيٽ جي علائقي بلال نگر ۾ هينڊ پمپ ورهائڻ جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي  جنهن ۾ اي سي ميرپور ساڪرو ائٽ گهارو سليم ميمڻ.، انڊس ارٿ ٽرسٽ جي سي اي او ڊاڪٽر شاهد،  جنرل مينيجر ڊاڪٽر عبدالله راڄپر  ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اي سي ميرپور ساڪرو چيو ته ڌاٻيجي غريب آباد مارڪيٽ ۾ جيڪي پ پاڻي جون لائنون پيل آهن اهي تمام پراڻيون آهن هتي اڳ آبادي تمام گهٽ هئي انڪري نيون لائنون پوڻ جي ضرورت آهي، سرڪار پلاننگ ڪري پئي ته وڏي اسڪيم تحت ڪم ڪجي ،انڊس ارٿ ٽرسٽ جي سي او ڊاڪٽر شاهد چيو ته اسان هميشا غريب مسڪين ماڻهن جي مدد ڪئي آهي ،ڊاڪٽر عبدالله راڄپر چيو ته اسان جي اين جي اوز انڊس ارٿ ٽرسٽ لاڪ ڊائون ۾ به ساحلي پٽي ۾ تمام گهڻن ماڻهن کي رليف ڏنو ۽ ماڻهن جي سهائتا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.