کپرو: ڳوٺ همير فقير لڳ زرعي زمين تي ڇاپو ، باندي بڻايل27هاري بازياب

ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس ڳوٺ همير فقير لڳ ممتاز راڄڙ  جي مبينا زرعي زمين تي ڇاپو  هڻي ناحق باندي بڻايل مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 27هارين  کي بازياب  ڪرائي ورتو ، هارين جي بازيابي لاءِ  ليلو اوڏ پاران ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني  وئي هئي، بازياب هارين ۾ خانچند اوڏ ، پريم اوڏ ، پوجا اوڏ ، موهني ۽ ٻيا شامل آهن ،   هارين موجب زميندار  ممتاز راڄڙ انهن کان جبري پورهيو ڪرائيندو هو ، زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه وري هن وٽ ڪو  خانگي جيل آهي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او کاهي موجب بازياب هارين کي سڀاڻي واسطيدار ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.