خانپورمهر: تعليمي سرگرمين ۾ رڪاوٽن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪورونا سبب سنڌ ۾ پرائمري توڙي مڊل تائين ڪلاس نه هلائڻ توڙي هر روز تاريخ تبديل ڪرڻ خلاف خانپور مهر ۾ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، آل پرائيوٽ اسڪول مينجمينٽ تعلقي خانڳڙھ جي سڏ تي مختلف پرائيوٽ اسڪولن مهراڻ پبلڪ هاءِ اسڪول، برائيٽ فيوچر، سرهاڻ، اسلاميه پبلڪ اسڪول، شاهين پبلڪ، قائد اعظم، سنڌ ماڊل، پائلٽ پبلڪ اسڪول، علي پبلڪ، المدثر، احمد سائين اسڪول جي استادن توڙي شاگردن ممتاز گڏاڻي، جي ايم جسڪاڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس کان  ٺڪراٺو اسٽينڊ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي،  ان موقعي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هيو ته ته سنڌ سرڪار هر روز تاريخ تبديل ڪري مذاق ڪري رهي آهي ،احتجاج ڪندڙ شاگردن توڙي استادن چتاءُ ڏنو ته جلد اسڪول کولڻ جو اعلان نه ڪيو ويو ته هو آپسما جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندا..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.