ريٿڪ روشن به ماهرا خان جي مداحن ۾ شامل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪروڙين مداح رکندڙ بالي ووڊ سپر اسٽار ريٿڪ روشن به پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جو مداح نڪتو.

بالي ووڊ اداڪار ريٿڪ روشن جا انسٽاگرام تي مداح 32.2 ملين (3 ڪروڙ 22 لک) آهن پر هن رڳو 170 ماڻهن کي فالو ڪيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ان لسٽ ۾ ماهرا خان به شامل آهي، مطلب ريٿڪ روشن ماهرا خان جي مداحن ۾ شامل آهي ۽ ان کي فالو ڪري ٿو.

ماهرا خان جو شمار به پاڪستان جي انهن چند اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، جن جا اسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوئر آهن، کيس 6.6 ملين (66 لک) ماڻهو انسٽاگرام تي فالو ڪن ٿا ۽ هوءَ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارائن ۾ ٽئين نمبر تي آهي.

واضح رهي ته ماهرا خان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ سان گڏ فلم ”رئيس“ ۾ به مک اداڪارا طور ڪم ڪري چڪي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به شهرت رکي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.