ايون فيلڊ ڪيس: مريم نواز جو سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

 ذريعن موجب مريم نواز سڀاڻي ايون فيلڊ ڪيس ۾ اپيل جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي.

خيال رهي ته مريم نواز جي مڙس ايون فيلڊ اپارٽمنٽس ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيل داخل ڪري رکي آهي.

احتساب عدالت جولاءِ  2018ع تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 10 سال قيد ۽ ڏنڊ، مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.