ڪراچي ۾ دڪان مالڪ جي غفلت ٻن معصوم ٻارن جو سِر وڃائي ڇڏيو

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي خواجا اجمير نگري ۾ دڪان جي مالڪ جي غفلت سبب ٽائنڪي ۾ 2 ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا.

علائقي واسين جي موجب دڪان جي مالڪ دڪان ۾ پاڻي جي ٽائنڪي بڻائي هئي، ٽائنڪي جو ڍڪڻ ٽي چار ڀيرا چوري ٿيو ته هن ڍڪڻ واري جاءِ تي گَتو/ فوم رکي ڇڏيو.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته دڪان ۾ نه ڪو شٽر آهي نه ئي ڪو دروازو، آچر ڏينهن هڪ ٻار گم ٿيو ته وارث هن کي جاءِ جاءِ تي ڳوليندا رهيا ۽ گذريل ڏينهن جڏهن ٻيو ٻار ٽينڪ ۾ ڪِريو ته ان کي ڪڍڻ دوران پهرين ٻار جو لاش به هٿ ٿيو.

شهرين جو چوڻ آهي ته دڪان جي مالڪ جي غفلت سبب ٻن ٻارن جو سِر ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.