دشمن کي هر قسم جي خطرن ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمن کي هر قسم جي خطرن ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي سلامتي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا.

اهڙن خيالن جو اظهار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جهلم ڀرسان فيلڊ فائرنگ رينج جي دوري دوران ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج علائقائي خطرن ۽ چئلنجن کان چڱي ريت واقف آهي، جاگرافيائي سرحدن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهيون، دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملائڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا.

ان موقعي تي آرمي چيف اسٽيٽ آف دي آرٽ وي ٽي فور ٽينڪ جو عملي مظاهرو ڏٺو ۽ چيو ته وطن جي بچاءَ لاءِ اندرين توڙي ٻاهرين چئلينجن تي نظر رکيو پيا اچون.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ٽينڪن جي مظاهرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي، جڏهن ته هن جديد جنگي چئلينجن بابت جوانن جي اعليٰ تربيت جي معيار کي به ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.