ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ نوجوان ڇوڪري سان لڄالٽ جو واقعو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ملازمت ڪندڙ عورت سان مبينا اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي.

پوليس موجب 22 سالن جي ڇوڪري کي 2 جوابدارن اغوا ڪيو ۽ زيادتي جو نشانو بنايو جنهن کان پوءِ جوابدار ڇوڪري کي ڪلفٽن ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڇوڪري کي اڌ بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ناري سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي.

پوليس اختيارين ٻڌايو ڇوڪري جو ڊي اين اي به ڪيو ويو آهي جڏهن ته متاثر ڇوڪري جا وارث سامهون نٿا اچڻ چاهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.