سنٿيا رچي کي ملڪ بدري کان روڪڻ واري حڪم ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ آمريڪي شهري عورت سنٿيا ڊي رچي کي ملڪ بدري کان روڪڻ واري حڪم ۾ 13 آڪٽوبر تائين جي واڌ ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله آمريڪي عورت سنٿيا رچي جي ملڪ بدري کي روڪڻ ۽ پيپلز پارٽي جي سنٿيار رچي کي ملڪ ڪرڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اِهو گهرو وزارت جو ڪم آهي هو ان ڪيس ۾ جاچ ڪري، سنٿيار سنگين نوعيت جا الزام هنيا آهن، ڇا حڪومت نٿي چاهي ته ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. بزنس ويزا جي حوالي سان گهرو وزارت جي پاليسي ڪهڙي آهي؟

عدالت جي پڇاڻي تي گهرو وزارت جي نمائندي چيو ته سنٿيا جي بزنس ويزا لاءِ چيمبر آف ڪامرس شڪاگو جو ليٽر ضروري هو جيڪو ان ڏنو، پاڪستان ۾ جنهن ڪمپني اسپانسر ڪيو هو ان جو ليٽر به سنٿيا رچي طرفان ڏنو ويو، چيف جسٽس چيو ته ڇا هتي ڪير به بزنس ويزا تي اچي ڪجهه به ڪري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ڪو هٿي اچي ڪو ٻيو ڪم ڪري ٿو ته گهرو وزارت ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي؟ هن وقت تائين گهرو وزارت ان نوعيت جون ڪيتريون ويزائون رد ڪيون ويون آهن، گهرو وزارت جي نمائندي چيو ته هي پهريون  ڪيس آهي جنهن ۾ سياسي بيان بازي جو معاملو سامهون آيو آهي.

سنٿيا رچي جي وڪيل عمران فيروز چيو ته ماتحت عدالت ۾ 2 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن پر رحمان ملڪ جي طرفان ڪير به پيش ناهي ٿيو، عدالت پيپلزپارٽي جي سنٿيا رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ واري درخواست اُڪلائي ڇڏي. پيپلز پارٽي جي وڪيل چيو ته اسان جي درخواست به التوا هيٺ رکي وڃي اسان سنٿيا کي بيان بازي کان روڪڻ جي به اپيل ڪئي هئي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.