حڪومت ڪورونا جي علاج جي دوا سستي ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض ڪينسر جيان آهن، جيڪي پکڙجندا پيا وڃن، شعبي جي مسئلن بابت جلد عوام کي آگاهه ڪنداسين.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اجلاس ۾ زيادتي ڪيس بابت قانونن جو جائزو ورتو ويو، شهزاد اڪبر زيادتي بابت بل جو مسودو پيش ڪيو، ڪابينا زيادتي ڪيس جي جاچ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته اسان کي جنسي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻو آهي.

هن چيو ته اجلاس ۾ توانائي جي شعبي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪي بجلي جا پلانٽ ايل اين جي تي هلندا آهن، ان پاليسي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ماضي جي مهانگن معاهدن سبب بجلي مهانگي ٿي، بجلي جي گردشي قرضن اسان جي معيشت کي پنهنجي پڪڙ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خبر پوڻ گهرجي ته بجلي مهانگي ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن، اهو به خبر پوڻ گهرجي ته حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي جي مسئلن بابت جلد عوام کي آگاهه ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 ۽ 16 سيپٽمبر جي فيصلن جي منظوري به ڏني وئي، جن ۾ خاص ماڻهن لاءِ گاڏين جي درآمد جو فيصلو به شامل آهي.

ان موقعي تي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪورونا جي علاج جي دوا جي قيمت 10 هزارن مان گهٽ ڪري تقريبن 8 هزار 4 سئو رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته تقريبن 94 دوائن جي قيمتن کي مناسب سطح تي ڪيو ويو آهي، انهن ۾ زندگي بچائيندڙ، بلڊ پريشر، مرگي، ڪينسر ۽ دل جي مرضن جون دوائون شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.