نوابشاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازمن جي بک هڙتال جاري

نوابشاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي پروفيسرن، آفيسرن ۽ ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ آڏو 6 ڏينهن به بک ھڙتال ڪئي وئي ، ان موقعي تي لياقت علي تنيو، شڪيل احمد چانڊيو، سجاد کوسو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي ڪئمپس جي اڍائي سو ملازمن کي گذريل ٻن مھينن کان پگھارون نه مليون آهن، جڏھن ته ڪچي ملازمن کي ھن وقت تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته انهن جا جائز مطالبا منظور ڪري وائس چانسلر سليم رضا سمون کي ھٽايو وڃي ۽ سندس جاءِ تي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.