وارھ : لطيف ۽ مٺا ڪالوني جي رهواسين پاران بجلي جي آزار خلاف ڌرڻو

وارھ جي لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني جي رهواسين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۽ هڪ ٻيو ٽرانسفارمر ڏيڻ لاءِ ٻئي ڏينهن به اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر خاصخيلي، استاد محمد خان سومرو  ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ لطيف ڪالوني کان پيادل مارچ ڪري  فاضل راهو چونئڪ  تي نٽھڻ اُس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو  ويو ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته  هميشه پيپلز پارٽي وڏي چالاڪي ۽ ڌوڪي سان ووٽ وٺندي آھي پر گذريل چئن مهينن کان محلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي رڙيون ڪري ٿڪجي پيا آهن پر ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي، هنن الزام هڻندي چيو ته سيپڪو انتظاميا شهر لاءِ ايندڙ نئون ٽرانسفارمر پيسن عيوض دوستي ۾ کپائي ٿي ڇڏي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور  نئون ٽرانسفارمر ڏياريو وڃي  ۽ ايس ڊي او کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.