ڪنري ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ڪنري (ت ر)ڪنري ڀرسان ڳوٺ حاجي غلام رسول رند جي رھواسين حاجي غلام رسول رند، ولي محمد رند، شاھ علي رند، آجو خاصخيلي، الھجڙيو خاصخيلي، رجب علي رند ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي   دانھيندي ٻڌايو ته بااثر روينيو  ملازم  ڳوٺ وڪڙيو ۾ تماچي ولھا جي گھر تي حملو ڪري ھن جي پلاٽ تي قبضو ڪيو ويو آھي جنھن جو آواز اٿارڻ تي ھنن بااثرن حاجي رحمت الله جنجھي تي گھر ويندي رستي تي حملو ڪيو آھي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آھن، هنن چيو ته  گهرن تي حملا ٿي رهيا آهن ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.