مصطفيٰ قريشي ۽ روبينه قريشي پنهنجي شادي جي گولڊن جوبلي ملهائي

ڪراچي(رپورٽ: م ش خ) پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ 625 فلمن ۾ ڪم ڪيل ناليواري فلم  اسٽار مصطفيٰ قريشي ۽ اداڪارا روبينه قريشي شادي جي گولڊن جوبلي ڪراچي ۾ ملهائي.

ان موقعي تي مصطفيٰ قريشي لڙڪ لاڙي ويٺو.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جنهن محبت ڀريل پيغام موڪليا. پر ڏک ان ڳالهه جو آهي ته ڪنهن حڪمران واڌاين جو پيغام ناهي ڏنو. اڌ صدي جو قصو آهي ٻه چار سالن جي ڳالهه ناهي.

اِهو عرص کلندي کيڏندي ۽ وڙهندي ٺهندي ڪئين گذريو ويو ڪا خبر نه پئي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي شادي ٿي هئي.

تقريب ۾ ميڊيا جي نمائندن جو وڏو انگ موجود هو جڏهن ته فلم اسٽار ۽ هدايتڪا سنگيتا به خاص طور شريڪ ٿي.

فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي چيو ته اڄ آئون جپاڪستان جي سينيئر فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي ۽ سندس گهرواري روبينه قريشي پنهنجي شادي جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان فلم اينڊ ٽي وي جرنلسٽ ايسوسيئيشن طرفان رٿيل تقريب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.نهن مقام تي آهيان ان ۾ منهنجي زال روبينه جو وڏو هٿ آهي هن جي سهڪار ۽ مشورن جي ڪري ئي مون کي ڪاميابي ملي آهي.

سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندي مصطفيٰ قريشي لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ هن کي جون اکيون آليون ٿي ويون.

سندس چوڻ هو ته هي منهنجي لاءِ قيمتي لمحا آهن پنهنجي حياتي جي گذريل ڏينهن سان گڏوگڏ فلم انڊسٽري ۾ گذاريل سنهري ڏينهن به يادن جو حصو آهن.

هن چيو ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو، جو مون کي روبينه جهڙي گهرواري ملي آهي جنهن زندگي جي موڙ تي منهنجو ساٿ ڏنو آهي.

ان موقعي تي سنگيتا بيگم چيو ته مصطفيٰ قريشي ۽ روبينه ڀاڄائي فلم انڊسٽري جي فخر جوڳي جوڙي رهي آهي فلم وارن سان انهن جو رويو گهر جي ماڻهن جهڙو هوندو آهي.

هوڏانهن فلم ٽي جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين اطهر جاويد صوفي ۽ عبدالوسيع قريشي چيو ته مصطفيٰ قريشي ۽ روبنيه ڀاڄائي ميڊيا جي ماڻهن تي جهڙي ريت محبتون نچاور ڪيون آهن ان جومثال ڪٿي نٿو ملي.

ان موقعي تي ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽ صدر مصطفيٰ قريشي ۽ روبينه قريشي کي واثق نعيم، نديم معاذ جي، خالد شمسي، هما بخاري ۽ الحاج حنيف خان طرفان ڪيڪ ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويا.

 

شادي جي گولڊ جوبلي جي موقعي تي آمريڪا مان فلم اسٽار ريما، لاهور مان سلطان راهي جو پٽ حيدر سلطان، اداڪار جاويد شيخ، غلام محي الدين، هدايت ڪار سيد نور، فلم اسٽار نديم بيگ ۽ ٻين فنڪارن ويڊيو پيغامن جي ذريعي واڌايون پيش ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.