ايندڙ ڏينهن ۾ 4، 5 ماڻهو گم ٿي ويندا: مولا بخش چانڊيو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ 4، 5 ماڻهو گم ٿي ويندا.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته گار بدران اسان گار نه ڏينداسين پر اسان انهن کان حساب ڪتاب ڪنداسين.

هن چيو ته ڪوتاهيون تسليم ڪيان ٿو پر پ پ عوام سان ڪڏهن غداري ناهي ڪئي، ڪالهه سڀني ڏٺو ته بلاول صاحب جي ڀرسان ڪير ويٺا هئا، حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو اتفاقي آهن، موقعي تي آندا ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته اهي سياسي مزدور آهن، ڊيوٽي ختم ٿيڻ تي اجورو وٺي واپس هليا ويندا آهن، ن ليگ سان اختلاف رکان ٿو پر ملڪي مفادن خاطر انهن سان هٿ ملائي سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.