عالمي سطح تي وڏين بئنڪن جي ناقص ڪارڪردگي، مني لانڊرنگ جو انڪشاف

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزارت جي ڳجهن دستاويزن مان انڪشاف ٿيو آهي ته عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ وڏيون وڏيون بئنڪون پنهنجي ناقص ڪارڪردگي ۽ لاپرواهي سبب عالمي سطح تي مني لانڊرنگ جون ذميوار ثابت ٿيون.

اهو انڪشاف صحافين جي هڪ انٽرنيشنل نيٽ ورڪ طرفان ڪيل ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ممڪن ٿيو.

انهن بئنڪن ۾ جرمني جي ڊوئچي بئنڪ جهڙا مالياتي ادارا پڻ شامل آهن.

انهن ڳجهن آمريڪي دستاويزن موجب دنيا جي مختلف ملڪن جون بئنڪون ڪيترن ئي سالن تائين انتهائي نقصان ڏيندڙ گراهڪن سان مالياتي ڏي وٺ ڪنديون رهيون ۽ انهن کي اهو احساس ئي نه ٿيو ته اهي اربين رپين جي ماليت جي مني لانڊرنگ کي ممڪن بڻائي رهيا آهن.

اهڙن گراهڪن ۾ مافيا ميمبر به شامل هئا، ان سان گڏ مالياتي دوکي باز ۽ اهڙيون شخصيتون به، جنهن تي پابنديون لڳل هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.